صاحب سنگهه بولسنگهه

صاحب سنگهه بولسنگهه: اديب، شاعر، مترجم ۽ سماج سڌارڪ صاحب سنگهه بولسنگهه، 26 ڊسمبر 1884ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. حيدرآباد جي اين. ايڇ. اڪيڊميءُ مان تعليم پرائي سينٽرل اسٽامپ آفيس ۾ ملازم ٿيو. 1937ع ڌاري ‘اسٽامپ اينڊ پروسيجر’ نالي سان قاعدي جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپائي شهرت حاصل ڪيائين. هن سر والٽر اسڪاٽ جي ناول ‘انونهو’ جو ‘سيل پريڪشا’ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن ڪجهه شاعري به ڪئي، جيڪا ان وقت مختلف اخبارن ۾ ڇپي. ملازمت مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ مذهبي پرچار به ڪندو هو ۽ مختلف اخبارن ۾ مضمون به لکندو هو. کيس سنڌي سان گڏ عربي ٻوليءَ ۾ پڻ مهارت حاصل هئي. هن عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو